واشنگٽن -24 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪا ايران کي خبردار ڪيو آهي، ته هو سندس غير مستحڪم رويي کان غافل ناهي. آمريڪي خابرو اداري مطابق اسٽريٽجڪ ڪميونيڪيشن لاءِ نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي ڪو آرڊينيٽر جان ڪربي اهڙا رمارڪس آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ نئين سر پيد ٿيل ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي ڏنا آهن. هن هڪ آن لائين پريس بريفنگ ۾ چيو ته آمريڪا 7 آڪٽوبر ??ي اسرائيل تي حملي ۾ اير??ن جو ڪردار شامل هئڻ بابت تصديق ڪري رهيو آهي جڏهن ته هن ڀيري اسان وٽ کو واضح ثبوت ناهي. هن چيو ته صرف ايترو چوندس ته اسان اير??ن جي عدم استحڪام جي رويين ۽ خطي ۾ ان سان لاحق خطرن کان ڪڏهن به غافل ناهيون رهيا. هن ايران مان پيدا ٿيندڙ سيڪيورٽي خدشن ڏانهن اشارو ڏين??ي وچ اوڀر م فوجي پوزيشن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ آمريڪا جي ڪوششن تي روشني وڌي.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ