بيجنگ-18 جنوري (اي پي پي) چين چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ صورتحال معمول تي آڻڻ لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان بريفنگ دوران چيو ته اسان کي اميد آهي ته ٻئي ڌُريون تحمل کان ڪم وٺنديون ۽ ڇِڪتاڻ کان بچنديون. جيڪڏهن ضرورت پئي ته اسان صورتحال کي معمول تي آڻڻ لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته ٻئي ڌُريون تحمل جو مظاهرو ڪنديون ۽ ڇِڪتاڻ کان بچنديون. ترجمان چيو ته چين هميشه ان ڳ??لهه تي يقين رکي ٿو ته ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي مقصدن ۽ اصولن جي بنيادن تي پرکڻ گهرجي ۽ اسان سمجهون ٿا ته سمورين ڌُرين کي ٻين ملڪن کي آزادي، خودمختاري ۽ علائقائي سالميت جو احترام ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال جي جوا?? ۾ ??ن چيو ته اسان پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ??وج??ده صورتحال تي تمام گهڻو ڌيان ڏئي رهيا آهيون. ترجمان چيو ته ايران ۽ پاڪستان ويجها پاڙيس??ي ملڪ ۽ اثر رسوخ رکندڙ ملڪ آهن.
پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ صورتحال معمول تي آڻڻ لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون: چين
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج