رياض-17 اپريل (اي پي پي ) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت چيو آهي ته هن سال حج لاءِ اندرون ملڪ ۽ پرڏيهه مان ايندڙ حج جا خواهشمند ويڪسينيشن جو ڪورس مڪمل ڪرائين .اردو نيوز موجب وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته حج جي خواهشمندن لاءِ ضروري آهي ته صحت ايپ تي ويڪسينيشن س??ٽي??يڪٽ کي اپ ڊيٽ رکن جنهن ۾ ڪووڊ – 19 ايڊوانس جو هڪ ڊوز جڏهن ته انفلوئنزا ويڪسين ۽ گذريل 5 سالن دوران لڳل گردن ٽوڙ بخا?? جي ويڪسين جو اپ ڊيٽ ٿيل س??ٽي??يڪيٽ هجڻ ضروري آهي. وزارت پرڏيهي مملڪت مان آ??ل حج جي خواهشمندن کي به هدايت ڪئي ته هو ويڪسينيش س??ٽي??يڪيٽ جو خيال رکن ۽ حج درخواست سان گڏ جمع ڪرائين. صحت واري وزارت پنهنجي ويب سائيٽ تي معلوماتي لنڪ به جاري ڪيو آهي جنهن ۾ ا??دو، انگلش ۽ ٻين ٻولين ۾ ضروري ويڪسينيشن جا سمورا تفصيل ۽ صحت جي معاملن جي حوالي سان ٻيون هدايتون وضاحت سان بيان ڪيون ويون آ??ن .
حج جا خواهشمند ويڪسينيشن ڪورس مڪمل ڪرائين: سعودي عرب جي حج واري وزارت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی