بيجنگ -17 اپريل (اي پي پي) چين جي گڏيل ملڪي پيداوار ۾ هلندڙ سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ 5.3 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق ??لومبرگ جي تجزيڪارن ان عرصي ۾ 4.8 سيڪڙو اوسر واري شرح جي اڳڪٿي ڪئي هئي، جڏهن ته سرڪاري انگن اکرن موجب گڏيل ملڪي پيداوار ۾ نمايان طور تي 5.3 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. چين جي سرڪاري انگن اکرن واري اداري پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي، ته ق??مي معيشت بحالي جي رفتار کي بر??رار رکيو آهي. صنعتي پيداوار ۽ زراعت ۾ ترتيبوار 6.1 سيڪڙو ۽ 3.8 سيڪڙو اضافو ٿيو جڏهن ته سروسز سيڪٽر ۾ 5 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي، ته چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي ۽ صدر ش?? جن پنگ جي مضبوط قيادت ۾ معيشت سٺي شروعات ڪئي آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ