اسلام آ??اد – 28 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) خطي کي مضبوط اقتصادي بلاڪ ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، علائقائي ر??بط?? جي گهٽتائي اقتصادي تعاون ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي. معاشي سهڪاري تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 22 هين اجلاس جي چيئرمين شپ جي ذميواري س??ڀا??ڻ کانپوءِ خطاب ڪندي پرڏيهي صلاحڪار خطي جي سمورن انساني ۽ مادي وسيلن سان ڀرپور فائدو کڻندي اي سي او کي هڪ مضبوط اقتصادي بلاڪ ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته خطي ۾ گڏيل واپار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ميمبر ملڪن جي وچ ۾ ريل، رستن، سامونڊي ۽ فضائي ر??بط?? جي سخت ضرورت آهي، اي سي او خطو سي پيڪ ۽ گوادر پورٽ مان فائدو کڻي سگهي ٿو.
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج