ڪابل – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد ??اقان عباسي افغانستان جي صدر اشرف غني جي دعوت تي پرڏيهي و??ير خ??اجه محمد آصف، گهرو وزير احسن اقبال، خيبرپختونخوا جي گورنر اقبال ظفر جهڳڙا ۽ قومي سلامتي و??ري صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه سان گڏ ڪابل جو دورو ڪيو، افغان صدر ۽ وزيراعظم شاهد ??اقان عباسي جي وچ ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات کانپوءِ افغان صدارتي محل ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون، هن افغانستان ۾ امن ۽ مصالحت، دهشتگردي جي خاتمي، افغان پناهگيرن جي و??پسي، ٻه طرفي و??پار ۽ علائقائي رابطن سميت پاڪ ??فغان لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته افغانستان پاڪستان ايڪشن پلان براءِ امن ۽ يڪجهتي گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي و??يع بنياد ۽ منظم رابطي جو مفيد فريم ورڪ فراهم ڪري ٿو. هن امن ۽ يڪجهتي لاءِ پاڪ ??فغان ايڪشن پلان تحت پنج ورڪنگ گروپس کي فعال بڻائڻ جو فيصلو ڪيو. وزيراعظم شاهد ??اقان عباسي افغانستان ۾ امن ۽ مصالحت جي افغان صدر اشرف غني جي ويزن ۽ طالبان کي امن ڳالهين جي سندس آڇ جي آجيان ڪئي.
وزيراعظم شاهد خاقان عباسي افغانستان جي صدر جي دعوت تي ڪابل جو دورو ڪيو
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ