اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان ترڪيءَ سان سمورن شعبن ۾ لاڳاپن ۽ ويجهي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي ڪوويڊ 19 جي خلاف عالمي مهم ۾ ڪردار ۽ پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن کي امداد ڏيڻ تي ترڪيءَ کي ساراهيو آهي. هن اها ڳالهه ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي چئي. ترڪيءَ جي صدر عيدالاضحيٰ جي خوشي جي موقعي تي وزير??عظ?? عمران خان کي ٽيليفون ڪيو. ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد ڏني ۽ ٻنهي ??لڪن جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزير??عظ?? آيا صوفيه کي نماز جي لاءِ ٻيهر کولڻ تي صدر اردوان کي مبارڪباد ڏني ۽ ترڪيءَ جي صدر کي ٻڌايو ته لکين پاڪستانين ٽيليويزن تي اهو منظر سڌوسنئون ڏٺو آهي. ڳالهه ٻولهه ۾ ٻنهي اڳواڻن مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ??لڪن جي اعليٰ سطح جي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائ??نس?? جي ڇهين اجلاس جي موقعي تي ترڪيءَ جي صدر ط??ب اردوان جي پاڪستان جي دوري جو حوالو ڏيندي وزير??عظ?? ترڪيءَ سان سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. وزير??عظ?? عمران خان ڪوويڊ 19 جي خلاف عالمي مهم ۾ ڪردار ۽ پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن کي امداد ڏيڻ تي ترڪيءَ کي سارهيو.
ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي وزيراعظم عمران خان کي ٽيليفون
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری