اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشميري عوام 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي غيرقانوني والاريل ڪشمير ۾ ڪيل ڀارت سرڪار جي غيرآئيني ۽ هڪطرفي قدم کي رد ڪري چڪي آهي، ڀارت سرڪار جي ن??رت تي ٻڌل پاليسين، پوري خطي جي امن امان کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، نئون سياسي نقشو پوري پاڪستاني قوم جي امنگ?? جي ترجماني ڪري ٿو، پاڪستان خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري ڀائر?? جي حمايت جاري رکندو. اها ڳالهه هن ڪشمير جي صورتحال تي پرڏيهي وزارت ۾ ميڊي?? ايڪرز کي بريفنگ ڏيندي چئي. پرڏيهي وزير صحافين/ اينڪرز کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ڀارتي قابض فوج جي ظلمن ۽ خطي ۾ امن اما?? جي مجموعي صورتحال جي حوالي سان آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي هندوتوا پاليس??ن ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حق?? جي خلاف ورزين کي هر عالمي فورم تي بي نقاب ڪيو. ڀارت سرڪار جي ن??رت تي ٻڌل پاليسين، پوري خطي جي امن امان کي خطري ۾وجهي ڇڏيو آهي. ڀارت والاريل ڪشمير جي آباديا??ي تناسب کي تبديل ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪو عالمي قانون?? جي منافي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اڄ ڪابينا اجلاس ۾ پاڪستا?? جي نئين سياسي نقشي جي منظوري هڪ تمام وڏو قدم آهي.
ڪشميري عوام 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت سرڪار جي غيرآئيني ۽ هڪطرفي قدم کي رد ڪري چڪي آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ