اسلام آباد – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتس??ان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته جمهوري نظام جي استحڪام تي يقين رکون ٿا، گلگت بلتس??ان ۾ صاف شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ اليڪش ڪميشن جي ذميواري آهي، گلگت بلتس??ان کي صوبي جي آئيني حيثيت ڏيڻ جو فيصلو اليڪشن جي ڪري نه پر ا??ان جي عوام جي امنگن جي ڏس ۾ ڪيو آهي، گلگت بلتس??ان پاڪس??ان جو معاشي بيس ڪئمپ ثابت ٿيندو، گلگت بلتس??ان قانونساز اسيمبلي جون چونڊون 15 نومبر 2020ع تي ٿينديون جنهن ۾ مجلس وحدت المسلمين (ايم ڊبليو ايم) پاڪس??ان تحريڪ انصاف جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسان ان فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا، تحريڪ اسلامي پاڪس??ان ۽ ٻين پارٽين جي اتحاد جي حوالي سان ڳالهين جو عمل جاري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن مجلس وحدت المسلمين جي اڳواڻ ناصر عباس ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.
جمهوري نظام جي استحڪام تي يقين رکون ٿا: شبلي فراز/ علي امين گنڊاپور
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس