اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گلگت بلتستان جي گورنر راجا جلال حسين مقپون ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل د??چس??ي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات دوران اطلاعات واري وفاقي وزير گلگت بلتستان ۾ ترقيات?? منصوبن ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گلگت بلتستان ۾ پي ٽي وي ??سٽيسن جي قيام لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ ڊجيٽل ڪيبل ۽ موبائيل نيٽ ورڪ ڪمپنين جي خدمتن کي بهتر بڻايو ويندو. اطلاعات واري وزير چيو ته گلگت بلتستان جي نوجوانن ۾ ڊجيٽل ميڊيا ۾ د??چس??ي کي فروغ ڏنو وڃي. ڊجيٽل ميڊيا ۾ نوجوانن لاءِ بي پناهه موقعا موجود آهن. گلگت بلتستان جي گورنر نوجوانن کي ڊجيٽل ميڊيا طرف متوجهه ڪرڻ جي حوالي سان وفاقي وزير جي تجويز سان اتفاق ڪيو.
چوڌري فواد حسين سان گلگت بلتستان جي گورنر راجا جلال حسين مقپون جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے فوائد