اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته قومي معاملن ۽ آئين ۽ قانون جي بالادستي جي لاءِ وڪيل برادري رهنمائي ڪري، بار ??يسوسيئيشنز سياسي پارٽين کي وڏن سڌارن تي ويجهو آڻڻ ۾ ڪردار ??دا ڪري سگهن ٿيون، چونڊ سڌارن، نيب آرڊيننس سميت ٻي اهم قانونسازي ۾ وڪيل ۽ بار ??يسوسيئيشن جي ڪردار ??ي آجيان ڪنداسين، نيب آرڊيننس کي چئلينج ڪرڻ بدران سڌارا تجويز ڪن، بار ۽ بئنچ جي وچ ۾ وڪيل پل جو ڪردار ??دا ڪن ٿا، ان ڪردار کي قومي معاملن ۾ به اختيار ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ بار ??يسوسيئيشن جي صدر احسن ڀون جي قيادت ۾ نئين چونڊيل عهديدارن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته معاشري ۾ قانون جي بالادستي جي لاءِ وڪيل برادري کي پنهنجو ڪردار ??دا ڪندو رهڻ گهرجي، بار ??يسوسيئيشنز کي عدليه ۾ التوا هيٺ ڪيس جلد اڪلائڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون استعمال ۾ آڻڻيون پونديون. هن چيو ته انصاف کانسواءِ ترقي يافته معاشرو قائم ڪرڻ ممڪن نه آهي، اسان وڪيل برادري کي درپيش مسئلا حل ڪنداسين. چوڌري فواد حسين چيو ته وڪيل برادري جي ڀلائي اسان جي اولين ترجيح آهي، حڪومت ان ڏس ۾ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير سپريم ڪورٽ بار ??يسوسيئيشن جي عهديدارن کي تازين چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني ۽ پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.
قومي معاملن ۽ آئين ۽ قانون جي بالادستي جي لاءِ وڪيل برادري رهنمائي ڪري: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا