اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بحر??ن جي بادشاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف خوشي جي ان موقعي تي بحر??ن جي ڀائر عوام جي مسلسل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. وزيراعظم ورجايو ته پاڪستان سلطنت بحرين سان پن??نج?? ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پن??نج?? عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ڪورونا عالمي وبا دوران بحر??ن جي حڪومت پاران اتي رهندڙ پاڪستان??ن جي سارسنڀال جي لاءِ قدم کڻڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم شهباز شريف جي عيد جي مبارڪباد ۽ بحر??ن جي عوام جي لاءِ خيرسگالي جي خواهشن تي بحر??ن جي شاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه عيدالفطر ۽ تازين چونڊن ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو س??ڀالڻ تي وزيراعظم شهباز شريف کي مبارڪباد ڏني. بحر??ن جي پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون کي وڌيڪ پڪو ۽ گهرو ڪرڻ جي پن??نج?? عزم کي ورجائيندي بحر??ن جي شاهه چيو ته انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هو وزيراعظم سان ويجهي تعاون ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ منتظر آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جيبحرين جي بادشاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه، عيدالفطر جون مبارڪون
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania