اسلام آباد – 06 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران نيازي ۽ ان جو ٽولو پنجاب جي غريب عوام کان ريليف کسڻ جي ڪوشش ڪري ر??يو آهي، بجلي جي ننڍي صارفين کي ر??ليف جي فراهمي پنج??ب حڪومت جي بجيٽ جو حصو آهي، ان جي لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن، اها ترقياتي اسڪيم نه آهي، پي ٽي آءِ ان ريليف جي خلاف اليڪشن ??ميشن پٽيشن ??ڻي وئي ته اهو ريليف ختم ڪيو وڃي، عمران نيازي پاڻ پنهنجي چئن سالن ۾ عوام کي ر??ليف نه ڏئي سگهيو، هو عوام جو رت چوسيندو رهيو، اڄ هو اليڪشن ??ميشن ??ي چئي ر??يو آهي ته اهو ريليف واپس ورتو وڃي، عمران خان کي شرم اچڻ گهرجي ته هو عوام کي ر??ليف ڏيڻ تي به سياست ڪري ٿو. پريس انفارميشن ??پارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڳوڻي حڪومت چئن سالن تائين پنهنجي نالائقي، نااهلي ۽ چوري جي ذريعي هر شعبي ۾ ڌاڙا هڻندي ر??ي، هن ملڪي معيشت تباهه ڪئي، عوام جو روزگار تباهه ڪيو، عوام کي ڪنهن به قسم جو ڪو ريليف نه ڏئي سگهي. هن چيو ته عمران خان جي حڪومت عوام کي هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهرن جو خواب ڏيکاري ڀڄي ويو، هن 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن جي خاتمي جو خواب ڏيکاريو پر پاڻ تاريخي ڌاڙا هنيا، ڪو شعبو اهڙو نه آهي جنهن ۾ چوري، ڌاڙن، هيرن ۽ جواهرات جي خريداري جا داستان نه هج??، اڳوڻي دور ۾ آفيسرن جون بدليُون ۽ مقرريون به قيمت لڳائي ڪيون وينديون هيون، عمران خان چار سال تائين ملڪ تي مڙهيل رهيو، هي اهو ئي وزيراعظم هو جيڪو چ??ندو هو ته ڊالر جو اگهه ان کي ٽي وي تان خبر پوي ٿي، عمران خان چوندو هو ته مهانگائي گهٽ ڪرڻ سندس ڪم نه آهي، هو پٽاٽا، بصر ۽ ٽماٽن جا ريٽ ڏسڻ ناهي آيو، اڄ اهو ئي شخص مهانگائي تي ليڪچر ڏئي ر??يو آهي جيڪو پاڻ مهانگائي جو ذميوار آهي. هن چيو ته عمران خان چار سال احتساب تي ليڪچر ڏنا، ڪوڙا الزام هڻي هن سياسي انتقام ورتو، عمران خان ماسٽر مائنڊ بشريٰ بي بي جي هدايت تي ٻاهرئين سازش جو بيانيو گهڙيو، عمران خان جو رويو اهو آهي ته ڪير ان تي الزام لڳائي يا ڪرپشن ثابت ڪري ته هو ان کي غداري سان ڳنڍين ٿا، اڳ ۾ به هن سياسي مخالفن کي سزاءِ موت جي چڪين ۾ وڌو، زبان بندي ڪئي، ڀينرن ۽ ڌيئرن کي جيلن ۾ وڌو، عمران خان جي اها ئي سوچ ۽ رويو اڄ به جاري آهي. هن چيو ته پنج??ب حڪومت پنهنجي بجيٽ ۾ روشن خاندان پروگرام شروع ڪيو، اهو پنج??ب حڪومت جي بجيٽ 2022ع جو حصو آهي، پنجاب ۾ 100 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙن کي بجلي جي قيمت کان ڇوٽ حاصل هوندي، 43 لک ماڻهو گرمين ۾ ۽ 87 لک ماڻهو سردين ۾ ان اسڪيم مان فائدو کڻندا، مجموعي طور تي 5 ڪروڙ 50 لک ماڻهو ان ريليف اسڪيم ۾ اچن ٿا. هن چيو ته سئو يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙن جي لاءِ پنج??ب حڪومت بجيٽ ۾ روشن خاندان اسڪيم تحت اها اسڪيم متعارف ڪرائي. هن چيو ته پنجاب بجيٽ جي دستاويز ان ڳالهه جي گواهه آهي ته پنج??ب حڪومت بجيٽ 2022ع ۾ اها اسڪيم شامل ڪئي ۽ ان جي لاءِ فنڊز رکيا. پنج??ب حڪومت اهو ريليف پنجاب جي 5 ڪروڙ 50 لک ماڻهن کي ڏنو ۽ عمران خان انهن ماڻهن کان ريليف کسڻ چاهي ٿو، هي اهو ريليف آهي جيڪو اهي نه ڏئي سگهيا. هن چيو ته پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار، کنڊ، اٽي، بجلي، گئس چوري ۾ ملوث هو، ترقياتي فنڊز ۽ ڪوويڊ فنڊ چوري ڪيا، ڪو اهڙو شعبو نه آهي جنهن ۾ انهن ڌاڙو نه هنيو هج??. هن چيو ته فرح گوگي بشريٰ بي بي ۽ عمران خان جي فرنٽ مين هئي، صوبي جي اصل وزيراعليٰ به اها ئي هئي، هن عثمان بوزدار جي ذريعي سمورن شعبن ۾ ڌاڙا هنيا، چوريون ڪيون، عوام جي ٽيڪس جي ر??م چوري ڪئي. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت چار سال ۾ عوام کي هڪ رپئي جو ريليف نه ڏنو، عمران خان بجلي جي قيمت 11 رپين مان وڌائي 24 رپيا في يونٽ ڪئي، گئس جون قيمتون به وڌي ويون، کنڊ جي قيمت 52 رپين مان 120 رپيا ڪري ڇڏي، اٽي جي قيمت 35 رپين مان 100 رپيا في ڪلو ڪري ڇڏي، انهن دوائن تائين چوري ڪئي. هن چيو ته شهباز شريف جڏهن وڏو وزير هو ته ان جي دور ۾ دوائون مفت فراهم ڪيون پئي ويون. هن چيو ته گذريل چار سال دوران جن ماڻهن جي موت ٿي ان جو جواب ڪير ڏيندو؟ ڪينسر جي مريضن وٽ دوائون خريد ڪرڻ جا پئسا نه هئا، ذيابيطس جي مريضن وٽ دوائون ۽ انسولين خريد ڪرڻ جا پئسا نه هئا. هن چيو ته انهن ماڻهن عوام جو رت چوسيو، چوريون ڪيون، بني گالا کي مني گالا بڻايو، زمينن تي قبضا ڪيا، هيرا جواهرات خريد ڪيا، هي اهي شيون آهن جيڪي سامهون آيون آهن. هن چيو ته عمران خان جي ڪري اڄ اسان کي مشڪل فيصلا ڪرڻا پئجي ر??يا آهن پر ان سان گڏ اسان عوام کي ر??ليف ڏيڻ چاهيون ٿا ۽ عمران خان اهو ريليف عوام کان کسڻ چاهي ٿو. بجاءِ ان جي ته هو اهو چ??ي ته پنج??ب حڪومت اهو ريليف ڏنو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ به اهو ريليف ڏنو وڃي، هو اها اسڪيم سمورن صوبن ۾ شروع ڪرڻ جي چوي پر ان جو اصل مقصد عوام کي ر??ليف ڏيڻ نه پر انهن کان ريليف کسڻ آهي. هن چيو ته عمران خان چوي ٿو ته پنجاب جي عوام کي بجلي ۾ ڏنل ريليف اليڪشن ??مپين جو حصو آهي، اصل ۾ عمران خان ڪوڙ ڳالهائي ٿو. هن چيو ته اهو ريليف اسڪيم 2022ع جي پنجاب بجيٽ جو حصو آهي، ان جي لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن، اهو ريليف ڏنو ويو آهي، اهو جولاءِ ۾ لاڳو ٿي چڪو آهي، آگسٽ ۾ ان جون ادائيگيون ٿينديون. هن چيو ته اها ترقياتي اسڪيم نه آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان ان ريليف جي خلاف پٽيشن اليڪشن ??ميشن ۾ کڻي ويو آهي، اڄ هو اليڪشن ??ميسن ۾ درخواست کڻي وڃي ر??يو آهي ته اهو ريليف واپس ورتو وڃي. هو ان ريليف سان 5 ڪروڙ 50 لک عوام کي محروم ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته عمران خان جي اهڙي سوچ آهي ته نه پاڻ ريليف ڏي ۽ نه ٻئي کي ڏيڻ ڏي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هي پنج??ب حڪومت جي اسڪيم آهي، پنجاب کان پئسا وٺي پنجاب جي عوام کي ڏنا ويا آهن، اهو تاثر ڏيڻ ته اها اليڪشن جي انائونسمنٽ آهي، بلڪل غلط آهي، ان کي شرم اچڻ گهرجي ته هي عوام کي ر??ليف ڏيڻ تي به سياست ڪن ٿا. هن چيو ته عمران خان ڄاڻي واڻي اليڪشن ??ميشن پٽيشن ??ڻي ويو، عوام کي خبر هجڻ گهرجي ته اها ترقياتي اسڪيم نه آهي، بجيٽ جو طئي ٿيل حصو آهي، بجيٽ ۾ ان جي لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن. هن چيو ته اسان عوام سان دوکو نه ٿا ڪريون، مشڪل فيصلا به عوام کي ٻڌائي ڪريون ٿا ۽ عوام کي ر??ليف به ڏيون ٿا. هن چيو ته پي ٽي آءِ اڄ جيڪا پٽيشن ??ئي آهي اها مسلم ليگ (ن) يا پنج??ب حڪومت جي خلاف نه آهي پر اها پٽيشن عوام کي ر??ليف ڏيڻ جي خلاف آهي. هن چيو ته هي چاهين ٿا ته سئو يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ غريب ماڻهن کي اهو ريليف نه ملي. هن چيو ته عمران خان پوري پاڪستان سان زيادتي ڪئي آهي، پوري ملڪ جي ماڻهن کي غريب ڪيو، بيروزگار ڪيو، هي انهي جو تسلسل آهي. هن چيو ته اهي ماڻهو ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. هن چيو ته عمران خان ڪارٽلز ۽ مافياز کي ملڪ تي مڙهيو، هر شعبي ۾ ڌاڙا هنيا. هن چيو ته عمران خان عوام سان زيادتي نه ڪري، عوام اڳ ۾ ئي عمران خان جي ڪري مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيسجي ر??ي آهي. هن چيو ته هڪ طرف عمران خان اليڪشن ??ميشن ۾ اپيل ڪري ٿو ته عوام کي ر??ليف کان محروم ڪيو وڃي ۽ ٻئي طرف هو اها به اپيل ڪري ٿو ته فارن فنڊنگ جو فيصلو نه ڪريو جتي اسٽيٽ بئنڪ ان جي چوري ثابت ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته هاڻي اهي ڏينهن هليا ويا جڏهن انهن وٽ اختيار هو. هن چيو ته پنجاب سميت وفاق جي سمورين ڌرين عمران خان کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ان لاءِ 10 لک ماڻهن کي گڏ ڪرڻ جي دعويٰ هاڻي 10 هزار تي اچي وئي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پنج??ب حڪومت جي اسڪيم اليڪشن ??مپين جو حصو نه آهي، هي ڪنهن مهيني تي مختصر نه آهي، هي پورو ريليف پئڪيج آهي، جيڪو سئو يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي ملندو. پنجاب ۾ انهي جي ڪري بجيٽ پيش نه ڪرڻ ڏني پئي وئي دير تي دير ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي ته ڪٿي ان سان عوام کي ر??ليف نه ملي وڃي. هن چيو ته اهو الله جو ڪرم هوندو آهي ته هو ڪنهن جي هٿان عوام کي ر??ليف ڏياري. ڪوڙن ۽ نااهلن کي الله ان ڪم جي توفيق نه ٿو ڏي. هن چيو ته الله تعاليٰ انهن کي هدايت ڏي ته جيئن هي عوام سان راند نه کيڏي سگهن. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ وٽ اڌار جا ترجمان رهجي ويا آهن جيڪي هاڻي ذاتيات تي لهي آيا آهن، انهن وٽ اصل موقف بيان ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه نه آهي. هن چيو ته اسان ڪنهن به طرح عوام جي حق تي ڌاڙو وجهڻ نه ڏينداسين. پيمرا جي اعليٰ عهدن تي مقررين بابت سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ان تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي، مقرريون جلد ٿينديون. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي پاران پريس ريليز جاري ڪئي وئي آهي ان تي سمورين پارٽين جو اتفاق آهي.
عمران نيازي ۽ ان جو ٽولو پنجاب جي غريب عوام کان ريليف کسڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری