اسل??م آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ جشن آزادي جي سلسلي ۾ ٻي تقريب ٿي، جنهن ۾ راولپنڊي ۽ اسل??م آباد ريجن جي 55 شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وچ ۾ ملي نغمن جا مقابلا ٿيا. ججز جا فرض ڊاڪٽر عبدالستار، ڊاڪٽر محمد قاسم ۽ ڊاڪٽر اسد ??نير ادا ڪيا. ان مقابلي ۾ 4 بهترين اميدوارن جي چونڊ ڪئي وئي جن جي وچ ۾ فائنل رائونڊ اپ جشن آزادي جي تقريبن جي پڄاڻي تي منعقد ڪيو ويندو. گرينڊ مقابلي ۾ پهرين، ٻي ۽ ٽئين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي ترتيبوار 7 هزار، 5 هزار ۽ ٽي هزار ڪيش انعام ڏيندا، مقابلن ۾ شرڪت ڪندڙ سمورن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي شموليت جا سرٽيفڪيٽ پڻ ??نا ويندا. تقريب کي خطاب ڪندي ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽ افيئرز راڻا طارق جاويد چيو ته ملي نغمن جي مقابلي جو بنيادي مقصد نوجوان نسل ۾ حب الوطني جو جذبو پيدا ڪرڻ هو. هن چيو ته شاگردن ملي نغمن ذريعي پاڪستان سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ضياءَ قيوم نئين نسل کي آزادي جو مفهوم سمجهائڻ جي لاءِ آگسٽ کي بطور آزادي مهينو ملهائڻ جي به هدايت ڪئي هئي جنهن جي لاءِ رجسٽرار، راجا عمر يونس جي مشاورت ۽ ان جي سرپرستي ۾ مختلف تقريبون ترتيب ڏنيون ويون آهن جن ۾ ملي نغمن، تقريرن، بيت بازي، پيٽنگ ۽ مضمو?? نويسي جا مقابلا شامل آهن.
علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ جشن آزادي جي سلسلي ۾ ٻي تقريب ٿي
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث