اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) ??طل??عات ۽ نشريات واري وزارت جي وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته ??طل??عات ۽ نشريات واري وزارت ۾ ذيلي ادارن بابت 7 قانون غور هيٺ آهن، پيمرا ۽ صحافين سان لاڳاپيل قانونن تي ڌرين جي مشاورت کانپوءِ ترميمن جي لاءِ انهن قانونن کي قانونسازي ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويندو. هو قومي اسيمبلي جي ??طل??عات ۽ نشريات بابت اسٽ??نڊ??گ ڪميٽي جي اجلاس کي بريفنگ ڏئي رهي هئي. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرمين جويريه ظفر آهير ڪئي، اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس کي ??طل??عات ۽ نشريات واري وزارت پاران پاڪستان اليڪٽرانڪ مي??يا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا)، پاڪستان انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) سان لاڳاپيل قانونسازي مسودو، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي)، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) سان لاڳاپيل ترميمن تي بريفنگ ڏني وئي. ??طل??عات ۽ نشريات واري سيڪريٽري ٻڌايو ته 7 بلز غور هيٺ آهن ۽ وزارت ترميمن کانپوءِ انهن کي قانونسازي ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي ڏانهن موڪليندي. هن چيو ته معزز اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته اها ترميمون ڪرڻ کان اڳ سمورين ڌرين سان مشاورت ڪري. وزارت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هدايت موجب لاڳاپيل ڌرين سان مسلسل رابطو ڪري رهي آهي. هن واضح ڪيو ته وزارت صحافين جي تحفظ جي حوالي سان پڻ ڪم ڪري رهي آهي ۽ ان حوالي سان ڌرين سان مشاورت جاري آهي. ??طل??عات واري سيڪريٽري ٻڌايو ته صحافين ۽ مي??يا پروفيشنلز جي تحفظ بابت ڪيسز کي هيومن رائيٽس ڊويزن کان انفارميشن ڊويزن ۾ منتقل ڪيو ويو هو جنهن هاڻي انهن کي پارلياماني معاملن واري ڊويزن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد پوليس جي نمائندي صحافين ۽ مي??يا جي پيشيواراڻي ماڻهن جي تحفظ بابت ڪيسن جي اڳڀرائي تي ڪميٽي کي بريفنگ ڏني. هن بڌايو ته آءِ سي ٽي پوليس جي پيٽرولنگ اهلڪارن کي مي??يا هائوسز ۽ مي??يا پروفيشنلز جي رهائشگاهن جي سيڪيورٽي جي لاءِ هدايت ڪئي وئي آهي. هن اهو به ٻڌايو ته عدالت جي هدايت موجب هڪ ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي. ڪميٽي هدايت ڪئي ته گهرو وزير ايندڙ اجلاس ۾ ڪميٽي کي صحافين جي تحفظ جي لاءِ وزارت پاران کنيل قدمن کان آگاهه ڪري. بعد ۾ ڪميٽي پرائيويٽ ميمبرز بل، جنهن جو عنوان هو ”دي انڊيسنٽ ايڊورٽائيزمنٽ پرهيبيشن (ترميمي) بل 2022ع“ (موجوده ايم اين اي محمد جمال الدين) کي ٻي قانونسازي سان گڏ ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ ان تي ايندڙ اجلاس ۾ غور ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڪرن عمران ڊار، زيب جعفر (وڊيو لنڪ ذريعي)، ذوالفقار علي ڀان، ناز بلوچ ۽ پروفيسر ڊاڪٽر شهناز نصير بلوچ، ناصر خان موسيٰ زئي، ??طل??عات ۽ نشريات واري وزارت، قانون ۽ انصاف واري وزارت، گهرو وزارت، آءِ سي پي پوليس، پيمرا، پي آئي ڊي، پي بي سي ۽ اي پي پي جا عملدار شريڪ هئا.
اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۾ ذيلي ادارن بابت 7 قانون غور هيٺ آهن: شاهيره شاهد
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔