اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ بين الصوبائي رابطن واري وزارت جي 14 جاري ۽ 3 نئين منصوبن جي لاءِ هڪ ارب 90 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. جاري سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) موجب وزارت جي 14 جار?? منصوبن جي لاءِ هڪ ارب 70 ڪروڙ رپيا جڏهن ته 3 نئين منصوبن جي لاءِ 20 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. اسلام آباد ۾ سائوٿ ايشين گيمز 22 – 2021ع منعقد ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان اسپورٽس ڪ??پليڪس جي اپ گريڊيشن ۽ بحالي جي لاءِ 61 ڪروڙ 17 لک رپيا، اسلام آباد، فيصل آباد، واهه ڪينٽ، پشاور، ڪوئيٽا، مظفرآباد ۽ سوات ۾ هاڪي ٽرف جي تبديلي جي لاءِ 25 ڪروڙ رپيا، ميگا ايونٽس ۾ شرڪت جي لاءِ فارن ڪوچز جون خدمتون حاصل ڪرڻ ۽ اوزارن جي خري??ار?? جي لاءِ 10 ڪروڙ رپيا، پاڪستان اسپورٽس ڪ??پليڪس ۾ بائيو مڪينيڪل ليب قائم ڪرڻ جي لاءِ 12 ڪروڙ رپيا ۽ اسپورٽس ڪ??پليڪس ۾ رستن، فٽ پاٿ، مين گيٽ ۽ سيڪيورٽي سسٽم جي بحالي ۽ تعمير جي لاءِ 10 ڪروڙ 35 لک رپيا رکيا ويا آهن، قومي رانديون منعقد ڪرڻ جي لاءِ 15 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن.
پي ايس ڊي پي ۾ بين الصوبائي رابطن واري وزارت جي 14 جاري ۽ 3 نئين منصوبن جي لاءِ هڪ ارب 90 ڪروڙ رپيا مختص
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک