واشنگٽن-17 جن??ري (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان پاڪستاني ڄائي آمريڪي شخصيت فوزيه جنجوعه کي رياست نيوجرسي جي ٽائون شپ مائونٽ لارل جي م??ئر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن.فوزيه جنجوعه پهرين مسلمان ۽ ڏکڻ ايشيائي عورت آهي جيڪا ان عهدي تي م??رر ٿي آهي.پاڪستاني سفارتخاني طرفان جاري پريس رليز موجب پاڪستاني سفير فوزيه جنجوعه سان ورچوئل ملاقات دوران چيو ته اوهان جي ڪاميابي پ??ري پاڪستان لاءِ فخر آهي ۽ پاڪستان ۽ آمريڪا ٻنهي لاءِ خوشي جو سبب آهي. هن چيو ته اوهان ٻنهي م??ڪن وچ ۾ پل جي حيثيت رکو ٿا. پاڪستاني سفير ميئر کي مبارڪون ڏيندي آمريڪي سياست ۾ پاڪستاني ڄاون آمريڪين جي وڌندڙ ڪردار تي روشني وڌي، هن چيو ته پاڪستاني ڄاوا آمريڪي، آمريڪا جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي م??ظرنامي ۾ تمام وڏو حصو وجهي رهيا آهن، هن چيو ته اوهان جي چونڊ آمريڪي سياسي قيادت ۾ وڌندڙ تنوع ۽ آمريڪي سياست جي ڪڙين ۾ رنارنگ ثقافتن جي وڌندڙ انضمام جي نشاندهي ڪري ٿي. هن ميئر فوزيه جنجوعه کي دعوت ڏني ته هو پنهنجي تڪ جي واپارين ۽ ڪاروباري ماڻهن سان پاڪستان جو دورو ڪري ۽ ک??ن پاڪستاني هم منصبن سان جوڙين.اوهان پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي پل بڻائي سگهو ٿا ڇاڪاڻ ته ٻنهي م??ڪن وچ ۾ ٻطرفي سيڙپڪاري جا وسيع امڪان موجود آهن. پريس رليز ۾ ٻڌايو ويو ته فوزيه جنجوعه اردو ۾ پاڪستاني ڊرامن، موسيقي ۽ کاڌي جي واکاڻ ڪئي. هن پنهنجي پٽن سان گڏ ئي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ج??ڪي م??ڪ جي ثقافت جو تجربو ڪرڻ جو منتظر آهن.
پاڪستاني سفير مسعود خان پاران فوزيه جنجوعه کي مائونٽ لارل جي ميئر چونڊجڻ تي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر