??نق??ه -03 جولائي (اي پي پي ) سعودي عرب جي دفاع واري وزير شهزاده خالد بن سلمان ??نق??ه ۾ تر??يه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪئي. جنهن ۾ علائقائي ۽ ع??لمي صورتحال تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي . اردو نيوز موجب ??نق??ه ۾ ٿيل ان ملاقات ۾ سعودي ولي عهد تر??يه جي صدر کي سعودي قيادت جو پيغام پهچايو ۽ تر??يه جي حڪومت ۽ عوام لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جي خواهش جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي ناتن کي هٿي ڏيڻ جي طريقن جو جائزو ورتو ويو. ٻنهي اڳواڻن علاقائي ۽ ع??لمي صورتحال بابت ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ ان حوالي سان ڪيل ڪوششن تي به خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي سعودي دفاع واري وزير جي آفيس جو ڊائريڪٽر جنرل هشام بن عبدالعزيز بن سيف ، تر??يه جي دفاع واري وزير ياسر گلر، چيئر مين آف ڊيفينس انڊسٽريل اٿارٽي ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هيا. سعودي دفاع واري وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته سعودي قيادت جي هدايت تي تر??يه جي صدر سان ملاقات ڪئي ۽ کيس پنهنجي قيادت جو پيغام تر??يه جي صدر تائين پهچائڻ تي خوشي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته اسان ٻه طرفن ناتن جو جائزو ۽ ان کي مضبوط ڪرڻ جي طريقن ۽ تازي علائقائي ۽ ع??لمي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
سعودي دفاع واري وزير پاران ترڪيه جي صدر سان ملاقات، علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena