اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته وزيراعظم سومر ڏينهن قوم?? اسيمبلي ۾ پنهنجي تقرير کانپوءِ مخالف ڌر جي ڳالهه ٻڌڻ جي لاءِ موجود هو، اسان اڄ به ايوان ۾ مخالف ڌر جون تقريرون ٻڌڻ جي لاءِ موجود آهيون، اميد آهي ته هو اسان جو جواب به ٻڌندي، پي ٽي وي قوم?? اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻن جون تقريرون سڌوسنئون ڏيکارڻ سان گڏوگڏ نجي چينل کي به فيڊ ڏئي رهي آهي. قوم?? اسيمبلي جي اجلاس ۾ خورشيد شاهه پاران اسپيڪر کي سڌوسنئون ڪوريج ڏيکارڻ جي گذارش تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته هو مخالف ڌر اڳواڻ ۽ سمورن م??الف ڌر جي پارٽين جي اڳواڻن کي ايوان ۾ اچڻ تي ڀليڪار چوي ٿو.
مضمون کا ماخذ : کڑک