اسلام آباد – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته يورپ ۾ ساڄي پاسي جي عوامي تحريڪ ۽ اسلام ف??بي?? جو هڪ مخصوص رجحان اڀريو آهي، او آءِ سي انهن رجحانن تي ڪڙي نظر رکي آهي، روهنگيا جي حوالي سان او آءِ سي پنهنجو نمائندو موڪليو هو جنهن جي رپورٽ جلد ملي ويندي. قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي جواب ۾ پرڏيهي صلاحڪار ٻڌايو ته اسلام ف??بي?? تمام گهڻو وڌي ويو آهي، جيئن جيئن دهشتگردي جا واقعا ٿيندا آهن الزام تراشي ٿيندي آهي، ڪجهه ملڪن ۾ مسلمانن سان امتيازي سلو?? وڌيڪ آهي، هي پوري اسلامي دنيا جو معاملو آهي، او آءِ سي جي گذريل اجلاس ۾ ان تي هڪ پورو سيشن ٿيو ته مذهب جي نالي تي ڪنهن ڪميونٽي کي هراسان نه ڪيو وڃي.
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری