اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چي?? آهي ته مسلم ليگ (ن) جو موقف سدائين حقيقتن ۽ سچائي تي ٻڌل آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ هر موڙ تي يوٽرن ورتو ۽ موقف بدلايو، سندس موقف بدنيتي، ڪوڙ، ۽ الزام تي آهي جنهن کي هو هر وقت بدلائيندا رهن ٿا. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چي?? ته قوم اسان جي مخالف پي ٽي آءِ اي جو رڪارڊ ڏسي ته هرموقف تي يوٽرن، هر هفتي موقف تبديل ڪرڻ، ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ الزام هڻڻ ان جي لاءِ آسان آهي ڇو ته سندن موقف ڪمزور ??و جڏهن ته ان جي ابتڙ اسان جو شروع کان هڪ ئي موقف هو. هن چي?? ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪميشن نه ٺهي ته بائيڪاٽ ڪنداسين، اڄ سندن چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪميشن ٺهي ته بائيڪاٽ ڪنداسين. هن چي?? ته ڪميشن ٺاهڻ جو موقف پي ٽي آءِ پاڻ سپريم ڪورٽ کڻي وئي ۽ چي?? هو ته جيڪڏهن ڪميشن نه ٺهي ته اسان لاڪ ??ائون ۽ ڌرڻو هڻنداسين ۽ اڄ اها ئي پي ٽي آءِ چئي ر??ي آهي ته ڪميشن ٺهي ته اسان بائيڪاٽ ڪنداسين اهو ڪهڙي قسم جو قوم سان مذاق آهي.
مسلم ليگ (ن) جو موقف سدائين سچائي تي ٻڌل آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ