برسلز-14 ڊسمبر (اي پي پي) يورپي يونين جي سربراهه ارسلا وان ڊيرليين جي اولهندي ڪناري ج?? انتهاپسند يهودي آبادڪارن جي خلاف پابنديون لڳائڻ جي سفارش ڪئي آ??ي جيڪي فلسطينين تي تشدد آميز حملا ڪرڻ جا ذميوار آهن. العربيه اردو موجب يورپي يونين جي صدر چيو ته ان لاءِ اهڙن ماڻهن خلاف پابنديون لڳائڻ جي حمايت ڪريان ٿي جيڪي اولهندي ڪناري ۾ فلسطينين تي حملن ۾ ملوث آهن. ارسلان وان ڊيرليين جو اهو موقف ان وقت سامهون آيو جڏهن يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه جوزپ بوريل چيو هو ته اولهندي ڪناري جي يهودي آبادڪارن تي پابنديون لڳائڻ لاءِ معاملو اڳتي وڌائڻ گ??رجي. ان طرح جي پابندين لاءِ 27 رڪ??ي يورپي يونين ۾ مڪمل اتفاق جي ضرورت آهي پر ان ۾ ان موضوع تي ڌڙابندي آ??ي.
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina