اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ت?? جڏهن انساني ذهن آزاد هوندو آهي ته قومون به ترقي ڪنديون آهن، پاڪستان ۾ آرٽ ۽ ڪلچر کي فروغ ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، سرڪاري عمارتن ۽ ايئرپورٽس تي آرٽ جي مختلف نمونن جي نمائش ڪري سگهجي ٿي، ??مي انجنيئرز جون معاشرتي ۽ سماجي شعبي ۾ نمايان خدمتون آهن، هن پاڪستان جي آزادي جي جدوجهد جي ڀرپور عڪاسي ڪئي، ??يوان صدر ۾ مشهور آرٽسٽ جمي انجنيئر جي ٺاهيل فن پارن جي نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نمائش جي انعقاد تي آمنه پٽودي جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، هن چيو ته اسان ملڪ ۾ آرٽ ۽ ڪلچر جي فروغ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، آئون ۽ منهنجي گهرواري سدائين فڪر ??ند رهندا آهيون ته ملڪ جي آرٽ ۽ ڪلچر کي ڪهڙي طرح فروغ ڏئي سگهجي، هن چيو ته ملڪ ۾ آرٽ اينڊ ڪلچر جي فروغ جي ذميداري تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود کنئي آهي ۽ ان حوالي سان هو بهترين ڪم ڪري رهيو آهي.
جڏهن انساني ذهن آزاد هوندو آهي ته قومون به ترقي ڪنديون آهن: صدر
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores