اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس ع??شق اعواڻ چيو آهي ته هي هڪ ٻئي تي تنقيد جو نه پر گڏجي و??هي ملڪ مان ڪورونا وائرس کي ختم ڪرڻ ۽ مستحقين تائين امداد جي ??راهمي لاءِ موثر حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جو وقت آهي، وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس جي صورتحال جو ويجهي کان جائزو وٺي رهيو آهي ۽ 13 اپريل تي قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ صوبن جي ??شاورت سان اڳتي جي حڪمت عملي بابت فيصلا ڪيا ويندا. نجي ??ي و?? چينل جي ??روگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان روزاني جي بنياد تي لاڳاپيل عملدارن سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي، حڪومت جي ڪوشش آهي ته متوازن فيصلا ڪيا وڃن ته جيئن وبا مان به ڇوٽڪارو ملي سگهي ۽ ملڪ جا پيڙهيل ماڻهو به متاثر نه ٿين، ڪورونا سان گڏوگڏ مستحقين جي ??دد بابت به فيصلا ڪرڻا آهن.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان