اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت انٽرپرينيورز چٽاڀيٽي ۽ شفاف ڪارورباري ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، مضبوط معيشت جي قيام لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، وفاقي حڪومت مالي مشڪلاتن جي باوجود واپاري برادري کي 1.2 کرب جو پيڪيج ڏنو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن في??ري??ن آف پاڪستان ??يمبرز آف ڪامرس اينڊ ا??ڊسٽري جي صدر ميان نصير حيات ماگو جي قيادت ۾ وفد سان ملاقات دوران ??الهائيندي ڪيو. صدر چيو ته حڪومت مالي مشڪلاتن جي باوجود واپاري برادري کي 1.2 کرب روپين جو مالياتي پيڪيج فراهم ڪيو. ڪورونا جي دوران احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت 1.5 ڪروڙ خاندانن جي مالي مدد ڪئي وئي، صدر چيو ته حڪومت عورتن ۽ معذور ٻارن جي معاشي خودمختياري تي به ڌيان ??ئي رهي آهي، حڪومت عورتن ۽ معذور ٻارن کي 5 سيڪڙو مارڪ اپ تي قرض فراهم ڪري رهي آهي، هن چيو ته واپاري برادري ملڪ جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، واپاري ٽيڪس ادا ڪن ته جيئن ترقياتي سرگرمين لاءِ وڌيڪ رقم مختص ڪئي وڃي.
حڪومت انٽرپرينيورز چٽاڀيٽي ۽ شفاف ڪارورباري ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا