اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ازبڪستان، ڪيوبا، ويٽنام، بلغاريه ۽ ارجنٽينا جي نامزد سفيرن سندون پيش ڪري ڇڏيون. ان سلسلي ۾ ايوان صدر ۾ خصوصي تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ نامزدس فيرن صدر کي پنهنجون سندون پيش ڪيون. ان کانپوءِ هنن ڌار ڌار صدر سان ملاقاتون به ڪيون. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر عارف علوي چيو ته واپار، معيشت، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ سمورن دوست ملڪن سان تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي، گڏيل فائدن لاءِ سياسي معاشي ۽ ثقافتي سطح تي دوست ملڪن سان لاڳاپن کي فروغ ڏنو وڃي، هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته نامزد سفير پاڪستان سان سياسي، واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. صدر چيو ته پاڪستان دنيا کي درپيش مختلف چلينجن کي منهن ڏيڻ لا??ِ دوست ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن ??امزد سفيرن کي ملڪ جي اقتصادي صورتحال جي باري ۾ آگاهه ڪندي ٻڌايو ته پاڪستاني معيشت ڪورونا جي با??جو?? بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهي آهي، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي وڏا موقعا م??جو?? آهن، دنيا پاڪستاني معڪيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻي.
صدر کي ازبڪستان، ڪيوبا، ويٽنام، بلغاريه ۽ ارجنٽينا جي سفيرن پاران سندون پيش
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری