اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان اعلان ڪيو آهي ته هو پنهنجي حڪومت جي ايندڙ ٻن س??لن ۾ پاڪستان ۾ راندين تي خاص ڌيان ڏيندو، معيشت سميت ٻين ملڪي مسئلن جي ڪري هو راندين جي لاءِ وقت نه ڏئي سگهيو. ”توهان جو و??ير??عظم توهان سان گڏ“ پروگرام ۾ سوشل ميڊيا تي طلحيٰ طالب جي سرڪاري سرپرستي کانسواءِ اولمپڪس ۾ نمايان ڪارڪردگي جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ و??ير??عظم چيو ته راندين کي جيڪو وقت ڏيڻ گهرجي ها نه ڏئي سگهيس، معيشت ۽ ٻين مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جي ڪري اهو وقت نه ڏئي سگهيس، آئون راندين بابت بهتر ڄاڻان ٿو، ڪرڪيٽ، هاڪي، اسڪوائش جو عروج ڏٺو، راندين ۾ پستي جو بنيادي سبب ٻن خاندانن جي حڪومت آهي جن ادارا تباهه ڪيا، انهن نيب ۾ پنهنجا من پسند ماڻهو ويهاري ان کي تباهه ڪيو پر اسان جي دور ۾ نيب پهريون ڀيرو وڏن ماڻهن تي هٿ وڌو جڏهن ته اهو ئي قانون آهي، بي شرمي ۽ بيدردي سان ملڪ کي ڦريو، هاڻي ان اداري انهن جون رڙيون ڪڍرائي ڇڏيون آهن. و??ير??عظم چيو ته راندين ۾ اسان دنيا سان مقابلو ڪري رهيا هئاسين، دنيا پنهنجي جديد ذريعن سان اڳتي وڌي رهي آهي، اسان جو مسئلو راندين جا ادارا نه ٺاهڻ آهي، اسڪوائش ۾ جان شير ۽ جهانگير خان جي وڃڻ کانپوءِ اها راند اسان جي هٿن ۾ نڪري وئي ڇو ته اسان اسڪوائش جو ادارو نه ٺاهيو، اسان کي راندين جا ادارا ٺاهڻ?? آهن، پروفيشنلز کڻي اچڻ?? آهن، آخري ٻن س??لن ۾ ان تي ڀرپور ڌيان ڏيندس. هن چيو ته سسٽم بهتر ٿيڻ جي ڪري نيوزيلينڊ ڀارت کي هارائي ڇڏيو، اسان يونين ڪائونسل جي سطح تائين ميدان ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسان آهستي آهستي سسٽم ٺيڪ ڪنداسين.
پنهنجي حڪومت جي ايندڙ ٻن سالن ۾ پاڪستان ۾ راندين تي خاص ڌيان ڏيندس: عمران خان
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب