اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ سميت ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن ۾ ملڪ جو 75 هون آزادي جو ڏهاڙو ڇنڇر ڏينهن 14 آگسٽ 2021ع تي ملي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ايوان صدر ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي مرڪزي تقريب کانسواءِ سرڪاري ۽ نجي سطح تي تقريبون منعقد ڪيون ويون ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن پاڪستان سان والهاڻي محبت جو اظهار ڪيو ۽ آزادي جي تحريڪ جي عظيم هيروز کي خراج عقيدت پيش ڪيو،
ڏينهن جو آغاز مسجدن ۽ گهرن ۾ ملڪ ۽ قوم جي ترقي، سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعائن ۽ وفاقي گادي واري شهر ۾ 31 ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21، 21 توپ?? جي سلامي سان ٿيو. مزار قائد ۽ مزار اقبال تي گارڊ?? جي تبديلي جون پروقار تقريبون به منعقد ٿيون، مرڪزي تقريب کان اڳ سائرن وڄايا ويا ۽ هر قسم جي ٽريفڪ روڪجي وئي، اهم سرڪاري ۽ نجي عمارتن کي بجلي جي بلبن سان سجايو ويو ۽ هر طرف ساون جهنڊ?? جي بهار ڏسڻ ۾ آئي ۽ فضا ملي نغم?? جي ڌنن سان گونجڻ لڳي.
ڇنڇر ڏينهن پوري قوم ملڪ اندر ۽ ٻاهر آزادي جو ڏهاڙو ان عزم کي ورجائڻ سان ملهايو ته ملڪ کي حقيقي معنيٰ ۾ اسلامي فلاحي ملڪ بڻائڻ لاءِ تحريڪ پاڪستا?? جي جذبي کان ڪم ورتو ويندو. ڏينهن جو آغاز وفاقي گادي واري شهر ۾ 31 ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21، 21 توپ?? جي سلامي سان ٿيو. ان موقعي تي پاڪستا?? جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعائون ڪيون ويون، سمورين سرڪاري ۽ نجي عمارتن تي قومي جهنڊا ڦڙڪايا ويا، جهنڊو ڦڙڪائڻ جي مرڪزي تقريب ايوان صدر اسلام آباد ۾ ٿي جنهن ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي خاص مهمان طور شرڪت ڪئ??، جهنڊو ڦڙڪائڻ جون اهڙيون ئي تقريبون سڄي ملڪ ۾ صوبائي، ڊويزنل ۽ ضلعي سطح تي به منعقد ڪيون ويون.
سرڪاري ۽ نجي عمارتن ۽ رستن، بازارن ۽ مارڪيٽن کي شاندار انداز ۾ سجايو ويو، آزادي جي ڏهاڙي جي تقريب?? جي سلسلي ۾ قومي جهنڊا، جهنڊيون پاڪستا?? جي بانين ۽ تحريڪ پاڪستا?? جي هيروز جون تصويرن ۽ بينر هر هنڌ لڳايون ويون. پاڪستان ٽيلي و??زن، ريڊيو پاڪستان ۽ ٻين ميڊيا جي ذريعن پاران ان ڏينه?? جي موقعي تي ڊگهي و??ت واري نشريات نشر/ٽيلي ڪاسٽ ڪيون ويون ۽ اخبارن ۾ خصوصي ايڊيشن شايع ٿيا جڏهن ته سوشل ميڊيا به آزادي جي ڏهاڙي جي پيغام?? جي حوالي سان خصوصي بينرز سان متحرڪ رهيو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب کي خطاب دوران چيو ته الله تعاليٰ اس???? جي قوم کي ترقي يافته ملڪ?? جي صف ۾ بيهڻ جي صلاحيت سان نوازيو آهي، ڪوڙين خبرن کان بچي ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون، الله تعاليٰ جو لک ٿورو آهي جنهن هند جي مسلمانن کي مشڪلاتن مان ڪڍيو ۽ هڪ قوم جي طور تي آزاد ملڪ ۾ جيئڻ جو حق ڏنو.