اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ملڪ جي پهرين قومي سلامتي پاليسي 26 -2022ع جي م??ظوري ??ي تاريخي قدم قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ڪنهن به اندرئين ۽ ٻاهرين خطرن کي م??هن ڏيڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿو، قومي سلامتي پاليسي تي م??ثر عملدرآمد لاءِ سمورا ادارا جامع حڪمت عملي اختيار ڪن. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ پرڏ??هي?? دفاع، اطلاعات ۽ نشريات، گهرو، ناڻي، انساني حقن جي وفاقي ويرن ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن، قومي سلامتي وارن صلاحڪارن ۽ سينئر سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي م??ڪ جي پهرين قومي سلامتي پاليسي 26 -2022ع جي م??ظوري ??ني، وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جو تحفظ شهرين جي تحفظ سان جڙيل آهي، هن چيو ته پاڪستان ڪنهن به اندرئين ۽ ٻاهرين خطرن کي م??هن ڏيڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿو، وزيراعظم ملڪ جي پهرين قومي سلامتي پاليسي جي تياري ۽ منظوري ??ي هڪ تاريخي قدم قرار ڏيندي چيو ته قومي سلامتي ڊويزن ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. هن هدايت ڪئي ته پاليسي م??ثر عملدرآمد لاءِ سمورا ادارا جامع حڪمت عملي اختيار ڪن، هن قومي سلامتي جي صلاحڪار کي پاليسي تي عملدرآدمد لاءِ ماهوار رپورٽ پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي، قومي سلامتي مشير اجلاس کي پاليسي جي م??صدن جي باري ۾ بريفنگ ڏيندي چيو ته قومي سلامتي پاليسي هڪ جامع قومي سيڪيورٽي فريم ورڪ تحت ملڪ جي شهرين جي تحفظ، سيڪيورٽي ۽ وقار يقيني بڻائيندي، شهرين جي تحفظ جي خاطر پاليسي جو محور معاشي سيڪيورٽي هوندو، معاشي تحفظ ئي شهرين جي تحفظ جو ضامن بڻجندو. هن ٻڌايو ته پاليسي سازي دوران سمورن وفاقي ادارن، صوبائي حڪومتن، ماهرن ۽ پرائيويٽ سيڪٽر سان تفصيلي مشاورت ڪئي وئي، پاليسي تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ لاءِ فريم ورڪ تيار ڪيو ويو آهي، قومي سلامتي ڪميٽي کان منظوري ??انپوءِ پاليسي وفاقي ڪابينا جي سامهون پيش ڪئي ويندي.
پهرين قومي سلامتي پاليسي 26 -2022ع جي منظوري ڏني وئي، پاڪستان ڪنهن به اندرئين ۽ ٻاهرين خطرن کي منهن ڏيڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿو: عمران خان
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha