اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر ماسڪو ۾ پنهنجي اصولي موقف کي دنيا آڏو پيش ڪري ڇڏيو ته طاقت جو استعمال ڪنهن به تڪرار جو حل نه آهي، روس ۽ يوڪرين کي ڳالهين سان مسئلو حل ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم عمران خان جي روس جي دوري تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان جو روس جو دورو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ت?? پاڪستان علائقائي امن ۽ سلامتي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ تڪرارن بدران پائيدار امن جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، پنهنجي قومي مفادن کي مٿانهون رکندي سفارتي سطح تي اسان کي پنهنجي پوزيشن مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد پڻ ملي آهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان جي دوري جي ٽائي??نگ تي سوال اٿاريندڙن کي سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته وزيراعظم وڏي مئچ جو وڏو رانديگر آهي، ڪشمير مسئلي کان وٺي افغانستان ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون، ٻطرفن لاڳاپن، اسلامو فوبيا تي ڳالهه ٻولهه ٿي، عمران خان انشاءَ الله نه ڪڏهن جهڪندو، ن?? پاڪس??ان??ن کي جهڪڻ ڏيندو.
وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر ماسڪو ۾ پنهنجي اصولي موقف کي دنيا آڏو پيش ڪري ڇڏيو ته طاقت جو استعمال ڪنهن به تڪرار جو حل نه آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria