اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي اسلام آباد ۾ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين ??جلاس جي موقعي تي گڏيل قومن جي تهذيبن جي اتحاد جي لاءِ اعليٰ نمائندي ميگوئل موراتينوس ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ بين ??لمذاهب مڪالمي کي مضبوط بڻائڻ، اسلامو فوبيا ۽ ان سان لاڳاپيل عدم برداشت جي رجحانن کي منهن ڏيڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزير چيو ته نفرت انگيز بيانيو، امتيازي سلوڪ ۽ مسلمانن جي خلاف تشدد پاڪ??تا?? جي پاڙيسريت سميت دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ پکرجي رهيو آهي، اسلامي مشاهير ۽ مقدس جاين ??ي ڄاڻي واڻي توهين، امتياز?? قانونن ۽ پاليسين، حجان تي پابندي، مسجدن تي حملا، انتهائي کاٻي پاسي جي پارٽين پاران ملڪ بدر ڪرڻ جي اعلانن جهڙا پرتشدد رويا ڳڻتي جو سبب آهن. هن چيو ته مسلمانن جي نسل ڪشي، مسلم مخالف تعصب ۽ مسلمان عورتن جي عزت تي حملن جهڙن اڻوڻندڙ سماجي روين ??ي خلاف متفقه هڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪ??تا?? گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پاران 15 مارچ تي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي ڏينهن طور نامزد ڪرڻ جي منظوري جي آجيان ڪري ٿو. گڏيل قومن جي تهذيبن جي اتحاد جي لاءِ اعليٰ نمائندي ميگوئل موراتينوس او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين ??جلاس جي ڪامياب انعقاد تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي کي مبارڪباد ڏني. واضح رهي ته يو اين ??ي او سي کي 2005ع ۾ جوڙيو ويو، ان جي بنيادي مقصدن ۾ سمورين ??قافتن، روايتن ۽ مذهبي عقيدن جي لاءِ گڏيل احترام جي واڌويجهه جي لاءِ پليٽ فارم طور ڪم ڪرڻ شامل آهي.
پرڏيهي وزير سان گڏيل قومن جي تهذيبن جي اتحاد جي لاءِ اعليٰ نمائندي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت