اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ڊائريڪٽر جنرل خلاف عورت آفيسر کي هر??سان ڪرڻ جي ڪو??ي شڪايت رد ڪري ڇڏي. شڪايت ڪندڙ عورت اسسٽنٽ ڊائريڪٽر، جوابدار جي خلاف ڪم جي جڳهه تي هر??سمينٽ جا نه الزام ثابت ڪري سگهي ۽ نه ئي ڪيترن ئي نوٽيسز جي باوجود ڪيس جي ڪارروائي ۾ پيش ٿي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته ڪنهن کي به قانون جي عمل جو غلط استعمال ڪرڻ جي اجازت نه آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي هڪ ڊائريڪٽر جنرل جي خلاف عورت آفيسر ڪم جي جڳهه تي هر??سمينٽ ڪرڻ جي شڪايت داخل ڪرائي هئي، ڪم ڪاري واري جڳهه تي هر??سمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب انڪوائري ۽ رپورٽ جي لاءِ معاملو قومي اسيمبلي جي اندروني هر??سمينٽ ڪميٽي ڏانهن موڪليو. شڪايت ڪندڙ معاملو اندروني ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ جي خلاف اپيل داخل ڪئي جنهن صدر سال 2020ع ۾ رد ڪري ڇڏيو هو. صدر ڪميٽي کي الزامن جي منصفاڻي ۽ غيرجانبداراڻي انڪوائري يقيني بڻائڻ جو چيو هو. صدر جي فيصلي جي خلاف عورت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي، ان کي به رد ڪيو ويو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي اندروني هر??سمينٽ ڪميٽي معاملي جي انڪوائري ڪئي ۽ رپورٽ محتسب کي پيش ڪئي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته شڪايت ڪندڙ عورت جوابدار جي خلاف الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته شڪايت ڪندڙ پنهنجي ڊيوٽي جي حوالي سان وقت جي پابند نه آهي. هر??سمينٽ جي خاتمي بابت محتسب عورت آفيسر جي شڪايت رد ڪري ڇڏي. عورت فيصلي جي خلاف صدر کي درخواست داخل ڪئي، صدر ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ پنهنجو فيصلو ٻڌايو. 2014ع ۾ ٿيندڙ مبينا هر??سمينٽ جي شڪايت محتسب کي 2019ع ۾ جمع ڪرائي وئي. صدر چيو ته شڪايت ڪندڙ بار بار نوٽيس جي باوجود محتسب آڏو پيش ٿيڻ ۾ ناڪام رهي، ڪم جي جڳهه تي عورتن جي هر??سمينٽ جي خاتمي جو ايڪٽ عورتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ عورتن جي بنيادي حقن جي لاءِ لاڳو ڪيو ويو آهي. صدر قرار ڏنو ته ڪنهن کي به قانون جو غلط استعمال ڪرڻ جي اجازت نه آهي، محتسب صحيح فيصلو ڏنو آهي ان لاءِ عورت جي درخواست رد ڪئي وڃي ٿي.
صدر پاران قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ڊائريڪٽر جنرل خلاف عورت آفيسر کي هراسان ڪرڻ جي ڪوڙي شڪايت رد
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی