اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پرڏيهي وزارت ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز ملڪ جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ سميت پاڪستان جي ٻاهرئين دنيا سا?? لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۽ عا??مي سطح تي ان جي مفادن جي تحفظ جي لاءِ ڪم جاري رکندا. نگران پرڏيهي وزير اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي وزارت ۾ بيٽ رپورٽرز سا?? سا?? جي پڄاڻي تي ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. نگران پرڏيهي وزير عا??مي پرڏيهي پاليسي جي دائري ۾ پاڪستان جي ڪاميابين جو جائزو ورتو ۽ قيادت جي اعليٰ سطحي دورن تي روشني وڌي جيڪي اهم ملڪن سا?? لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جو سبب بڻيا آهن. ان موقعي تي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ، اخبارن ۽ ٽيليويزن سميت ميڊيا جا نمائندا، اسلام آباد ۾ رهندڙ غ??رم??ڪي نمائندا ۽ پرڏيهي وزارت جا عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري رياض کوکر جي روح جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي جيڪو گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو.
پرڏيهي وزارت ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز ملڪ جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ ڪم جاري رکندا: نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ