اسلام آباد – 14 – مئي (ا?? پي پي) صدر آصف علي زرداري خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت گرين پاڪست??ن انيشي ايٽو ۽ لينڊ انفارميشن اينڊ مئنيجمينٽ سسٽم جي خدمتن کي ساراهيو. هن گرين پاڪست??ن انيشي ايٽو ٽيم جي حوصلا افزائي ڪئي ۽ قومي اقتصادي ترقي جي لاءِ هڪ جهڙي جذبي سان ڪم ڪرڻ تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پر??س ونگ موجب صدر آصف علي زرداري راولپنڊي ۾ گرين پاڪست??ن انيشي ايٽو جي هيڊڪوارٽرز ج?? دورو ڪيو. صدر کي گرين پاڪست??ن انيشي ايٽو هيڊڪوارٽرز اچڻ تي انيشي ايٽو ۽ لينڊ انفارميشن اينڊ مئنيجمينٽ سسٽم جي آپريشنز بابت بريفنگ ڏني وئي. سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، بلوچستان جو وڏو وزير مير سرفراز احمد بگٽي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ ان موقعي تي موجود هئا. بريفنگ ۾ صدر کي جديد رخن تي پاڻي جي بهتر انتظام جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. گرين پاڪست??ن انيشي ايٽو تحت زراعت، واهن جي صفائي، آءِ ٽي تي ٻڌل آپريشنز ۽ زرعي شعبي ۾ پاڻي جي موثر انتظام بابت پڻ ٻڌايو ويو. صدر کي بريفنگ ۾ آبادگارن جي سهولت ۽ زرعي شعبي جي ترقي جي لاءِ زرعي مالز جي تصور ۽ اي??ري??لچر سمارٽ فارمز جي آپريشنز بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. پاڪستان جي روشن مستقبل جي لاءِ صدر گرين پاڪست??ن انيشي ايٽو جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ سمورن صوبن سان مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.
صدر پاران خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت گرين پاڪستان انيشي ايٽو ۽ لينڊ انفارميشن اينڊ مئنيجمينٽ سسٽم جي خدمتن جي واکاڻ
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil