اسلام آباد – 12 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان ٻطرفو واپار ۽ سي??پڪ??ري جا لاڳاپا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. توانائي (پيٽروليم ڊويزن) واري وزارت پاران پڌرائي موجب آذربائيجان جي اعليٰ سطحي سرڪاري وفد پيٽروليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ جي قيادت ۾ پاڪستاني وفد سان ملاقات ڪئي. آذربائيجان جي وفد جي قيادت توانائي وارو وزير پرويز شهبازوف ڪري رهيو هو. وفد ۾ آذربائيجان جو معيشت وارو نائب وزير صاحب ممدوف، ايڪسپورٽ اينڊ انويسٽمينٽ پروموشن ايجنسي بابت ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر يوسف عبدالائيف، آذربائيجان جي سي??پڪ??ري ڪمپني جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر الوي منصوروف، ڊيجيٽل ڊ??ول??ينٽ ۽ ٽرانسپورٽ واري وزير جو صلاحڪار ايلچن ممدوف، ساڪر ٽريڊنگ جي گلوبل بزنس ڊ??ول??مينٽ جو سربراهه توگرال ڪوچارلي، انويسٽمنٽ پروموشن ڊپارٽمينٽ جو سينيئر اسپيشلسٽ امين گليئيف جڏهن ته پاڪستاني وفد ۾ بجلي وارو وفاقي وزير اويس لغاري، مواص??ات ۽ نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، واپار وارو وفقي وزير ڄام ڪمال خان، نيشنل ڪوآردينيٽر ايس آءِ ايف سي ليفٽيننٽ جنرل سرفراز احمد ۽ وفاقي سيڪريٽريز شامل هئا. ملاقات دوران ڊاڪٽر مصدق ملڪ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل مذهب ۽ ثقافتي رابطن جي بنياد تي ٻنهي ملڪن جي تاريخي لاڳاپن جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته ملتان ڪاروان سرائي، صديون پراڻي رشتي جو ثبوت آهي. پاڪستاني وفد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سي??پڪ??ري جي لاڳاپن کي وڌائڻ جي موقعن بابت آگاهه ڪيو. ڊاڪٽر مصدق ملڪ پاڪستان ۾ سي??پڪ??ري جي موقعن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. هن چيو ته گڏيل لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ اقتصادي رابطن کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان خطي ۾ واپاري منڊين جي فروغ ۽ وچ ايشيا مان يورپ تائين ڦهليل اقتصادي لنگهن ۾ حصيدار بڻجڻ جو خواهشمند آهي. هن کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات خاص طور تي سون ۽ ٽامي ۾ سي??پڪ??ري جي وسيع موقعن جو ذڪر ڪيو، آذربائيجان کي کاڻين جي کوٽائي ۾ مهارت حاصل آهي، هو ان شعبي ۾ پاڪستان سان تعاون کي فروغ ڏئي سگهي ٿو. ملاقات ۾ تيل ۽ گئس جي شعبي ۾ تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پاڪستان توانائي جي طلب جو تم??م وڏو مرڪز آهي. هن چيو ته ٻئي ملڪ گڏجي آءِ ٽي جي صلاحيت خاص طور تي مصنوعي ذهانت، مشين لرننگ، انساني وسيلن جي تربيت مان فائدو کڻي سگهن ٿا. بجلي واري وفاقي وزير اويس خان لغاري بجلي جي شعبي ۾ سي??پڪ??ري جي موقعن بابت آگاهه ڪيو جنهن ۾ آذربائيجان جي سي??پڪ??ري وڌيڪ منافعو ڏيندڙ ثابت ٿي سگهي ٿي. واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان آذربائيجان جي صدر جي پاڪستان جي تازي دوري دوران طئي ٿيندڙ معاهدن کي ساراهيو. هن نجي شعبي جي لاءِ ٺوس بريفنگ جي اهميت تي زور ڏنو. آذربائيجان جي وفد ان سلسلي ۾ پيش ڪئي ويندڙ تجويزن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ورڪنگ گروپس کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرويز شهبازوف پاڪستان ۾ سي??پڪ??ري جي موقعن بابت تفصيلي بريفنگ تي پاڪستاني وفد جا ٿورا مڃيا. هن ورڪنگ گروپ جي جلد اجلاس منعقد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پاڪستاني وفد پاڪستان ۾ آذربائيجان جي سي??پڪ??ري ۽ ان معاملي ي تيزي سان اڳڀرائي جي لاءِ پنهنجي مڪمل عزم ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ڌرين فوڪل پروسنز مقرر ڪرڻ، منصوبن جي چونڊ ۽ انهن کي منظوري جي لاءِ جلد قيادت آڏو پيش ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
پاڪستان ۽ آذربائيجان پاران ٻطرفو واپار ۽ سيڙپڪاري لاڳاپا وڌائڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات