لاهور -04 آگسٽ (اي پ?? پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدمن جا 5 سال پورا ٿيڻ جي موقعي تي اسان ڪشميرين جي خوداراديت واري حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. گذريل ڏينهن اي پ?? پي سان خاص ڳالهه ٻولهه ۾ هن چيو ته ڀارت جا 5 آگسٽ 2019 وارا قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترن ئي ٺهرائن جون ڀڃڪڙيون آهن، جن ۾ اهو چيو ويو هو ته رياست ڄمون ڪشمير ج?? مستقبل جو حتمي فيصلو ڪشميري عوام جي مرضي مطابق آزاد، غيرجانبدار ۽ گڏيل قومن جي نگراني هيٺ ووٽنگ ذريعي ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪشميري ڀارت جي غيرقانوني قبضي خلاف لازوال قربانيون ڏئي رهيا آهن. ڀارت غيرقانوني طور تي و??لا??يل ڄمون ڪشمير ۾ ناپاڪ ڪارروائين سان گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي رهيو آهي جنهن سان ڏکڻ ايشيا ۽ خطي لاءِ سنگين خطرا آهن. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جون ٺهرائون ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق ڄمون ڪشمير تڪرار ج?? حل خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جو واحد رستو آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان و??لا??يل ڪشمير ج?? سمورن شهيدن کي انهن جي لازوال قرباني ۽ انهن جي پ??نئرن کي ان عزم ۽ حوصلي لاءِ ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا.
ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڄمون ڪشمير تڪرار جو حل خطي ۾ جٽادار امن کي يقيني بڻائڻ جو واحد رستو آهي: راڻا تنوير حسين
مضمون کا ماخذ : پاور بال