اسلام آباد -22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 23 کان 27 سيپٽمبر تائين نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جار?? پڌرائي مطابق وزيراعظم 27 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ۾ عالمي ??من، سلامتي ۽ خوشحالي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل قومن جي گهڻ رخي ڪردار جي حمايت ۽ پاڪستان جي مستحڪم عزم جو ورجاءُ ڪندو. وزيراعظم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا ۾ شامل فلسطين مسئلي ۽ ڄمون ڪشمير تڪرار سميت پراڻن مسئلن کي حل ڪرڻ جي اهميت تي به زور ??ريندو. وزيراعظم عالمي ??قتصادي لاڳاپن ۾ اڻ برابري کي ختم ڪرڻ ۽ عالمي مالياتي ڍانچي ۾ سڌارن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ عالمي ??رادري تي زور ??ريندو ته هو موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ لهر جو مقابلو ڪرڻ لاءِ فيصلائتا قدم کڻي. وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ڪيترن ئي اعليٰ سطحي اجلاسن ۾ به شرڪت ڪندو، جن ۾ ”سمنڊ جي سطح ۾ اضافي سان درپيش خطرن تي اعليٰ سطحي گڏجاڻيون“ ۽ ”امن لاءِ قيادت“ تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي کلي بحث شامل آهي. وزيراعظم جٽادار ترقي جي ايجنڊا کي اڳيان وڌائڻ لاءِ عالمي ??طح تي گهربل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ لاءِ عالمي ??ڳواڻن جي هڪ گروپ سان ڳالهيون ڪندو. وزيراعظم جي پروگرام ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ جنرل اسيمبلي جي صدر سميت ڪيترن ئي عالمي ??ڳواڻن سان ٻه طرفيون ملاقاتون به شامل آهن. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو اعليٰ سطحي اجلاس پاڪستان لاءِ علائقائي ۽ عالمي ??هميت جي اهم مسئلن تي پنهنجي نقطئه نظر کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم پيش ڪري ٿو. وزيراعظم پاڪستان جي ترجيحن کي اجاگر ڪندو ته جيئن عوام کي ملڪي ۽ عالمي ??رقي جي ايجنڊا جي مرڪزي هنڌ تي رکيو وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف 26-2025ع لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي آئينده جي ميمبر طور، گڏيل قومن جي چارٽر کي برقرار رکڻ، تڪرارن جي روڪٿام، امن ۽ عالمي ??وشحالي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل قومن جي سمورن ميمبر ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار به ڪندو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : ریل رش