اسلام آباد -29 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي، ته پاڪستان وچ اوڀر ۾ اسرائيل جي وڌندڙ مهم جوئي جي شديد مذمت ڪري ٿو، شهري آبادين تي ??سرائيل جي بي لگام حملن ۽ ع??لمي قانونن جي پائمالي ڳڻتي ??وڳي حد تائين پهچي وئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري پڌرائي ۾ چيو آهي، ته گذريل ڪيترن ڏينهن کان اسرائيلي فوج لبنان جي خودمختياري جي ناقابل قبول ڀڃڪڙي، شهري آبادي جي مرڪزن کي مسلسل نشانو بنائڻ، ا?? جي استحڪام ۽ سلامتي کي نقصان پ??چا??ڻ ۾ مصروف آهي. پاڪستان اسرائيل جي جارحيت سبب متاثرن جي خاندانن ۽ لبنان جي عوام سان تعزيت جو اظهار ڪري ٿو هن چيو ته لبنان ۾ حزب الله جي سيڪريٽري جنرل کي قتل ڪرڻ جو گذريل ڏينهن اسرائيل جو غير محتاط عمل پهرين کان ئي عدم استحڪام جي شڪار خطي ۾ هڪ وڏو اضافو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان لبنان جي عوام سان يڪجهتي ڪري ٿو. پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي ??ور ڀريو آهي ته اسرائيل کي خطي ۾ ان مهم جوئي ۽ ع??لمي قانونن جي ڀڃڪڙي کان روڪيو وڃي ۽ وچ اوڀر ۾ امن بحال ڪيو وڃي.
پاڪستان وچ اوڀر ۾ اسرائيل جي وڌندڙ مهم جوئي جي مذمت ڪري ٿو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل