اسلام آب??د – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان بلائ??ڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي چوٿون بلائنڊ ٽي 20 ورلڊ ڪپ کٽڻ تي مبارڪباد ڏيندي چ??و آهي ته معذور ماڻهو به راندين جي شعبي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ٽي 20 بلائ??ڊ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ فائنل ۾ بنگلاديش کي 10 وڪيٽن تان هارائڻ تي ٽيم کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان بلائ??ڊ ڪرڪيٽ ٽيم فائنل ۾ شاندار راند جو مظاهرو ڪ??و آهي. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي بلائ??ڊ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کٽڻ تي پاڪستان بلائ??ڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي ??بارڪباد ڏيان ٿو. صدر آصف علي زرداري چيو ته خصوصي رانديگرن بلائنڊ ٽي 20 ورلڊ ڪپ کٽي پاڪستان جو نالو روشن ڪ??و آهي. صدر چيو ته راندين سميت زندگي جي سمورن شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي شموليت وڌائڻي پوندي، خصوصي ماڻهن کي اڳتي وڌڻ ۽ ترقي ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر پاڪستان بلائ??ڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل کي ڪامياب ٽورنامينٽ منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي پاڪستان بلائ??ڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
صدر پاران پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي چوٿون بلائنڊ ٽي 20 ورلڊ ڪپ کٽڻ تي مبارڪباد
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں