اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ سينيٽ چيئرمين ??يد يوسف رضا گيلاني قانونساز ادارن جي بالادستي ۽ کين مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته اسپيڪر جو عهدو غيرجانبدار هوندو آهي جيڪو حڪومت، اتحادي ??ار??ين ۽ مخالف ڌر کي هڪ جيترو وقت ڏيڻ، تڪرارن جي صورت ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ جو بااعتماد فورم هوندو آهي، ??ار??يامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين ??ندر گرفتارين ??ي ذميوارن خلاف سزائن جو تعين ڪيو ويندو، سمورن اسپيڪرن جي خواهشن آهي ته بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه، ٻطرفي اعتماد سازي هجي ۽ اختلاف راءِ جي عزت ڪئي وڃي، نئين نسل کي ??ار??يامينٽ سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ ??ار??يامينٽ وانگر صوبائي اسيمبليون به اجلاس جي ڪارروائي ڏسڻ ۽ انٽرنشپ جي سهولت فراهم ڪنداسين، 18 هين ??رميم سان ملڪ ۾ استحڪام آيو آهي، ننڍن صوبن جي احساس محرومي ختم ٿي آهي، انهن معاملن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي. هو ٻن ڏينهن واري 18 هين ??سپيڪر ڪانفرنس جي پڄاڻي تي گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته 18 هين ??سپيڪر ڪانفرنس ۾ سينيٽ چيئرمين ۽ سمورن اسپيڪرز جو ٿورائتو آهيان هنن نه رڳو وقت ڏنو پر تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، اسان سڀني جي سوچ هڪ آهي ته پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي هجي، اسان سڀني جو گڏيل بيان جاري ٿي چڪو آهي. اسان عزم ڪيو ته ??ار??يامينٽ جي بالادستي ۽ جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ سموريون صوبائي اسيمبليون پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون. هن چيو ته حڪومت عددي نمبرن بدران مخالف ڌر کي ملائي قانونسازي طرف وڃي، اسان جو گڏيل فيصلو آهي ته ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، ??وس??ياتي تبديلي تي ڌيان ڏيون، اسپيڪرز غير جانبدار ٿي سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته تجويزون يا راين ??دران سڀني کي گڏجي ويهي ملڪ جي مفادن خاطر پاڪستان جي ذميواري پوري ڪرڻ گهرجي، اسان چاهيون ٿا ته ??ار??ياماني قدر، ضابطه اخلاق هجي جنهن ۾ هڪٻئي کي برداشت ڪندي ٻين کي گڏ کڻي هلون. هن چيو ته قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ آئين ??ي آرٽيڪل 9 اي تحت ??وس??ياتي تبديلي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ??ار??يامينٽ ذريعي ان معاملي تي بحث ڪيو وڃي ته جيئن بهتر کان بهتر تجويزون اچن. هن چيو ته دهشتگردي تي اسان ڳالهايو، قانونسازي ڪندي پاليسي قدم کڻڻ سان گڏوگڏ صوبي ۽ مرڪز جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو پاڻ ۾ رابطو هجي. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا رولز ۽ پروسيجر هڪجهڙا آهن باقي صوبائي اسيمبلين کي به اهڙا ئي رولز ۽ پروسيجرز ٺاهڻا ??ون??ا. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته ايوان ۾ ??ار??ي جي چيف وهپ جو اهم ڪردار آهي، دنيا جي بهترين ??جربن موجب اسان ان ۾ بهتري آڻڻ جا خواهشمند آهيون ڇاڪاڻ ته ??ار??ي چيف وهپ ايوان ۾ پنهنجي ??ار??ي جي حاضري، قانونسازي، ترميمن سميت ٻين معاملن تي مک ڪردار ادا ڪن ٿا. هن چيو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي اهڙي ڪميٽي آهي جيڪا عملدرآمد خاص ڪري آڊٽ پيرا جي وصولين ??ي ڪم ڪري ٿي، قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي اربين ??وپين ??و وصوليون ڪرايون آهن. هن صاف لفظن ۾ چيو ته هي پڌرائي صرف دستاويز تي صحيح جي حد تائين نه رهندي پر ان تي عملدرآمد کي نه رڳو مانيٽر ڪيو ويندو پر تعاون جي هڪ نئين ??ور جو آغاز ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ اسپيڪر چيو ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ ڀر??ين ??و نظام شفاف ڪيو ويو آهي، اسان قومي اسيمبلي ۾ ڊيپوٽيشن کي به ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ ميرٽ تي ڀر??ين ??و ٽاسڪ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن کي ڏئي ڇڏيو آهي، ميرٽ بيسڊ مقرريون ٿينديون ۽ مجموعي طور تي مان اسپيڪر جي اختيارن کي گهٽ ڪيو آهي. سينيٽ چيئرمين ??يد يوسف رضا گيلاني ارڙهين ??سپيڪرز ڪانفرنس جي پڌرائي جي مڪمل تائيد ڪندي چيو آهي ته ارڙهين ??رميم سان ملڪ ۾ استحڪام آيو آهي، ننڍن صوبن جي محرومي ختم ٿي ۽ صوبن جي معاملن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي. ارڙهين ??رميم موجب صوبن کي اختيار ڏنا وڃن ها ته اوڀر پاڪستان جهڙو واقعو نه ٿئي ها. هن چيو ته ايوان ۾ اسان ڊيولوشن ڪميٽي ٺاهي آهي ته جيئن ارڙهين ??ئيني ترميم کانپوءِ پيش آيل پيچيدگين کي ختم ڪري سگهجي. هن چيو ته اسان جيڪي قدم کنيا آهن انهن جو مقصد سياسي استحڪام آهي، جڏهن ملڪ ۾ سياسي استحڪام هوندو ته ان سان معاشي استحڪام ايندو. هن تجويز ڏني ته اسان کي ميثاق معيشت آڻڻو ??ون??و، ترقي يافته ملڪ به آهن جتي سياسي استحڪام نه آهي پر معاشي استحڪام آهي، مصنوعي ذهانت مان به فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته ڳالهيون نه ڪنداسين ??ه معاملا حل نه ٿيندا، اختلاف راءِ ان وقت تائين ??مهوري رهي ٿي جيستائين ملڪ کي نقصان نه پهچائي.
اسپيڪر جو عهدو غير جانبدار هوندو آهي: سردار اياز صادق/ سيد يوسف رضا گيلاني
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں