بيجنگ- 17 ??ارچ (اي پي پي) چيني صدر شي جن پنگ 20 ما??چ ??ي روس جو 3 ڏينهن جو دؤرو ڪندو. چيني خابرو اداري مطابق چيني پرڏيهي وزارت جي ت??جمان هوا چونينگ ٽوئيٽ ۾ ٻُڌايو ته روسي صدر ولادي ميرپيوٽن جي دعوت تي چيني صدر 20 کان 22 ما??چ ??ائين روس جو سرڪاري دؤرو ڪندو. چيني صدر جو دؤرو روس دوستي ت??اون ۽ امن جو ٽرپ هوندو. هن چيو ته چين ۽ روس ڪنهن به ٽڪراءَ، اتحاد ۽ ڪنهن ٽين ڌُر کي نشانو بڻائڻ کان بنا بين الاقوامي لاڳاپن ۾ جمهوريت کي هٿي ڏئي رهيا آهن. ٻئي طرف روسي حڪومت چيو ته چيني صدر جي روس واري دؤري دوران روس ۽ چين وچ ۾ جامع شراڪتداري جي لاڳاپن ۽ اسٽريٽجڪ تعاو?? کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. ڪريملن مطابق ملاقات دوران بين الاقوامي معاملن تي روس ۽ چين تعاو?? کي وسعت ڏيڻ تي پڻ ڳالهيون ٿينديون ۽ ڪيترن ئي اهم ٻه طرفن دستاويزن تي صحيحون پڻ متوقع آهن.
چيني صدر 20 مارچ تي روس جو 3 ڏينهن جو سرڪاري دؤرو ڪندو
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن