گڏيل قومون – 30 آ????وب?? (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته گذريل ڏينهن 29 آڪ??وب?? تي 30 کان وڌيڪ ٽرڪون غزه ۾ داخل ٿيون جيڪي ان علائقي ۾ اجازت ملڻ بعد کان انساني امداد جي اها سڀ کان وڏي کيپ آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق انساني معاملن بابت گڏيل قومن جي آفيس (او سي ايڇ اي) پنهنجي بيان ۾ چيو آهي، ته پاڻي، خوراڪ ۽ طبي سامان کڻي ويل 33 ٽرڪون مصر جي سرحد تان رفح بارڊر ڪر??سن?? تان گذريون آهن. واضح رهي ته 21 آڪ??وب?? تي امداد جي بحا??ي بعد ڪل 117 ٽرڪون رفح رستي غزه ۾ داخل ٿي چڪيون آهن. واضح رهي ته 7 آڪ??وب?? تي اسرائيل حماس جي حملي جي جواب ۾ غزه جو مڪمل گهيراءُ ڪيو هو جڏهن ته اسرائيل جي دفاع واري وزير اعلان ڪيو هو ته اتي نه بجلي هوندي، نه خوراڪ ۽ نه ئي ٻارڻ. ان کان اڳ روزانو اٽڪل 500 ٽرڪون امداد ۽ ٻين سامان جون ڄاڻايل علائقي ۾ داخل ٿينديون هيون.
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ