رياض- 07 (اي پي پي ) سعودي عرب ج?? مسجدالحرام ۽ مسجد نبوي ۾ ديني شعبي جي معاملن جي سربراهه شيخ ڊاڪٽر عبدالرحمان السديس حرمين شريف??ن جي امامن کي هدايت ڪئي آهي ته گرمي جي موسم جي ڪري حرمين ۾ حج جي مند دوران جمعي جي خطبي ۽ نماز کي مختصر ڪيو وڃي. العربيه موجب شيخ ڊاڪٽر عبدالرحمان السديس آئمه حرمين کي وڌيڪ هدايت ڪئي ته حرمين شريفين ۾ حج سيزن جي ڪري لکين اسلام جا پانڌيئڙا موجود آهن جن کي جمعي نماز لاءِ حرم??ن جي اڱڻ ۽ ڇت تي جڳهه ملندي آهي. جڏهن انهن ٻنهي هنڌن جو موسم سخت گرم آهي جنهن جي ڪري حاجي سڳورن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو ان لاءِ انساني جان??ن جي حفاظت کي نظر ۾ رکندي ان قدم تي عمل ڪيو وڃي. شيخ السديس وڌيڪ چيو ته جمعي جو ڊگهو خطبو ڏيڻ سان ان ڳالهه جو امڪان هوندو آهي ته ماڻهو انهن ڳالهين کي ياد نه رکي سگ??ن ??يڪي خطبي ۾ بيان ڪيون وينديون آهن. جڏهن ته خطبو مختصر هجڻ جي صورت ۾ انهن کي ياد رکڻ آسان هوندو آهي. واضح رهي ته ان کان اڳ ڊاڪٽر السديس حرمين شريف??ن جي امامن کي هدايت ڪئي هئي ته اهي حج دوران اذان ۽ اقامت جي وچ واري وقفي کي گهٽ رکن ۽ نماز جلد ختم ڪرڻ جو اهتمام ڪن ته جيئن ايندڙ لکين زائرين کي عمري ڪرڻ ۾ آساني ٿئي ۽ انهن کي ڪنهن به قسم جي مشڪل کي منهن ڏيڻو نه پوي.
حج ۾ جمعي جو خطبو ۽ نماز مختصر ڪئي وڃي: شيخ ڊاڪٽر عبدالرحمان السديس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی