اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم م??مد نواز شريف چيو آهي ته حضرت امام حسين رضه ظلم ۽ ڏاڍ جي پيروي ڪرڻ بدران شهاد?? جو رستو اخ??يا?? ڪري د??يا کي حق جي حفاظت لاءِ جانين جي نذراني جو سبق ڏنو آهي. وزيراعظم اها ڳالهه عاشوري جي ڏينهن، 10 محرم الحرام 1438 هه/2016ع جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چئي. وزيراعظم چيو ته عاشوره محرم اس??ن کي ڪربلا جي ياد ڏياري ٿو، ڪربلا ۾ حق ۽ صداق?? جو علم بلند رکڻ جي لاءِ امام عالي مقام حضرت امام حسين رضه ظلم ۽ ڏاڍ جي اطاعت ڪرڻ بدران شهاد?? جو رستو اخ??يا?? ڪيو ۽ دنيا کي هي سبق ڏنو ته حريت هڪ بنيادي حق آهي جيڪو دين اسلام جي تعليم جي عين مطابق آهي، حق جي حفاظت ڪرڻ پنهنجي جان جي حفاظت ڪرڻ کان وڌيڪ ضروري آهي. اهو ئي اهو پيغام آهي جيڪو رسول صه جي ڏوهٽي جي شهادت مان اس??ن کي ملي ٿو، وزيراعظم چيو ته دنيا جي تاريخ ۾ اهڙي قرباني ۽ اس??قام?? جو ڪو به مثال موجود نه آهي، امام عالي مقام جو هي پيغام پوري انسانيت جي لاءِ مشعل راهه آهي.
امام حسين رضه حق لاءِ جانين جي نذراني جو سبق ڏنو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین