اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري صلاحڪار عرفان صديقي چيو آهي ته حڪومت ميرٽ تي يقين رکي ٿي، ??وجوانن ۽ باصلاحيت ماڻهن کي انهن جو حق ڏياري هن ئي جمهوري نظام تي انهن جو يقين ?? اعتماد پڪو ڪري سگهجي ٿو، ڀرتين ?? داخلائن جي لاءِ سچائ?? تي ٻڌل شفاف طريقيڪار سفارش ڪلچر جي نفي ۾ ٺوس ڪردار ادا ڪ??ي ٿو. اهڙن خي??لن جو اظهار هن نيشنل ٽيسٽنگ سروس (اين ٽي ايس) هيڊڪوارٽر جي دوري جي موقع?? تي هڪ اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم جي صلاحڪار عرفان صديقي ان ڳالهه تي خوشي جو اظهار ڪيو ته حڪومت پاران نوڪرين تي لاڳو پابندي هٽائڻ جي اعلان کانپوءِ ٽن سالن دوران اين ٽي ايس رڪارڊ انگ ۾ اميدوارن جا ٽيسٽ ورتا ۽ باصلاحيت نوجوانن کي ميرٽ تي نوڪريون مليون.
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ