اسلام آباد – 24 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جاري جنگ ۾ وفاقي حڪومت، سمورا رياستي ادارا ۽ صوبا هڪ ئي صفحي تي آهن، آپريشن ضرب عضب، نيشنل ايڪشن پلان، آپريشن ر??الفساد ۽ خيبر فو?? شروع ڪيو ويو جن سان اهم ڪاميابيون به مليون آهن، موجوده حڪومت ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي ۽ دهشتگردن ۽ انهن جي حامين جي خلاف ڪاررواين جي راهه هموار ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور جي افسوسناڪ وا??عي تي هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي موجوده حڪومت جي موثر قدمن جي ڪري سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ نمايان گهٽتائي ٿي آهي، دهشتگردي رڳو پاڪستان جو مسئلو نه پر هڪ عالمي مسئ??و بڻجي چڪو آهي جنهن تي گڏيل ڪوششن جي ذريعي ئي ضابطو آڻي سگهجي ٿو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ