اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت سرڪاري وسيلن جي بيدردي سان استعمال، رائيونڊ جي سيڪيورٽي تي 60 ڪروڙ رپيا خرچ ڪرڻ ۽ اختيارن جي ??اجائز استعمال تي ميان ڀائرن جي خلاف وڌيڪ 4 ڪيس نيب ڏانهن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي، گذريل حڪومت جي دور ۾ سرڪاري ذريعن جو بيدردي سان استعمال ڪيو ويو، انهن جي آڊٽ ڪري رهيا آهيون، وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ هائوس جو ر??ارڊ نيب جي حوالي ڪري رهيا آهيون، تحقيقي صحافت احتساب جي عمل ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، برطانوي اخبار شريف خاندان جي ??لڪيت بابت تحقيقي خبر شايع ڪئي، جنهن ۾ نواز شريف جي گهرواريءَ جي ??الي تي برطانيا ۾ هڪ فليٽ جي اونرشپ ٻڌائي وئي آهي، نيب جي ??انونن ۾ ترميم جي ??اءِ تيار آهيون پر نيب مٿان وڌيڪ نگراني جو ادارو ويهارڻ جو ڪو ارادو نه آه??، عوام اسان جي چونڊ ڪئي آهي، اسان ماڻهن کي جوابده آهيون. اها ڳالهه وزيراعظم جي احتساب بابت خصوصي معاون شهزاد اڪبر ۽ وزيراعظم جي خصوصي معاون افتخار دراني نئين انفارميشن سروس اڪيڊمي اسلام آباد ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران ٻڌائي.
ميان ڀائرن خلاف وڌيڪ 4 ڪيس نيب ڏانهن موڪليا ويندا: افتخار دراني / شهزاد اڪبر
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا