اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي احتساب واري خاص معاون شهزاد اڪبر چيو آه?? ته 1985ع کان شگر ملز لڳائڻ ۽ سبسڊي جو معاملو نيب ڏانهن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آه??، نيب شگر ڪميشن جي رپورٽ تي 9 شگر ملز کي گذريل 5 سالن ۾ سبسڊي ڏيڻ جي معاملي تي فوجداري ڪارروائي ڪندو، سيلز ٽيڪس ۽ بي نامي ٽرانزيڪشنز جو معاملو ايف بي آر ڏانهن موڪليو پيو وڃي، چٽاڀيٽي ڪميشن کنڊ جي ڪاروبار جي 90 ڏينهن ۾ جاچ ڪندي، جعلي روانگي واپار ۽ مني لانڊرنگ جي ايف آءِ اي جاچ ڪندي، کنڊ جي قيمتن کي پيداواري لاڳت جي تناسب سان گهٽ ڪرڻ جي لاءِ صنعت ۽ پيداوار واري وزير حماد اظهر جي قيادت ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي، ڪو به شخص ڪيترو به طاقتور ڇو نه هجي ان جي خلاف ڪارروائي ڪندا??ين. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي شگر ڪميشن جي رپورٽ جون سفارشون قائدين کي پيش ڪيون. شگر ڪميشن جي سفارشن ۽ ٻين ماهرن جي مشاورت سان ان حوالي سان قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو جن جي منظوري وزيراعظم عمران خان بني گال?? ۾ ??ڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڏني.
1985ع کان شگر ملز لڳائڻ ۽ سبسڊي جو معاملو نيب ڏانهن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي: شهزاد اڪبر
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania