اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب خان چيو آهي ته ڪراچي جي عوام ??ي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ وفاقي حڪومت خصوصي قدم کڻي رهي آهي، ڪي اليڪٽرڪ کي 200 ميگاواٽ اضافي ب??لي جي پيداوار لاءِ وڌيڪ 30 ايم ايم سي ايف ڊي گئس ڏينداسين، نيپرا ۾ سنڌ جو نمائندو سنڌ حڪومت نامزد ڪيو آهي، سنڌ حڪومت ان جي خلاف ٺوس ڪ??رروائي ڪري، نيپرا ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي معاملي تي سڀاڻي ٻڌڻي آهي، ڪراچي ۾ غفلت سان پاڻي بيهڻ سان حادثن جي ذميدارن جي خلاف سنڌ حڪومت ڪارروائي ڪري. هن اها ڳالهه قومي اسيمبلي ۾ آغا رفيع الله ۽ ٻين ميمبرن جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي چئي، عمر ايوب چيو ته نيپرا ڪابينا ڊويزن تحت اچي ٿي، ڪي اليڪٽرڪ جو مسئلو سالن کان آهي، موجوده حڪومت ڪراچي کي ????لي جي سپلائي جي معاملي تي ڪم ڪري رهي آهي، هن وقت تائين ڪراچي کي 30 هزار ميٽرڪ ٽن ٻارڻ ۽ 100 ايم ايم سي ايف ڊي گئس ڪ??اچي جي عوام جي ڏکيائي ختم ڪرڻ لاءِ ڏئي رهيا آهيون، ڪي اليڪٽرڪ جو سسٽم اهڙو ناهي جو نيشنل گرڊ کان وڌيڪ ب??لي حاصل ڪري سگهي، ڪراچي ايسٽ ۽ ويسٽ ۾ ٻه گرڊ اسٽيشن ٺاهيا پيا وڃن.
ڪراچي جي عوام کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ وفاقي حڪومت خصوصي قدم کڻي رهي آهي: عمر ايوب خان
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável