ڪولمبو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان پاڪست??ن ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ واپاري تعاون جي فروغ لاءِ اقتصادي ??صي??اري وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪست??ن ۽ سريلنڪا سدائين هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، پاڪستان آئنده به سريلنڪا جي ڀرپور حمايت جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سريلنڪا جي صدر گوتابايا راجا پاڪسي سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ڪولمبو ۾ ايوان صدر ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات ٿي، جنهن کانپوءِ وفدن جي سطح تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي. وزير??عظ?? عمران خان پاڪست??ن ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ اعتماد، هم آهنگي ۽ گڏيل تعاون جي بنياد تي هموار لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزير??عظ?? ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ واپاري تعاون جي فروغ جي ذريعي اقتصادي ??صي??اري وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو، وزير??عظ?? پاڪست??ن ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ خاص طور زراعت، سياحت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، راند، تعليم ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ ويجهي تعاون تي زور ڏنو ۽ غربت جي خاتمي لاءِ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ جي اهيمت به بيان ڪئي. وزير??عظ?? چيو ته پاڪست??ن ۽ سريلنڪا سدائين هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، هن مستقبل ۾ به سريلنڪا جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو.
پاڪستان ۽ سريلنڪا سدائين هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ